ذوالفـقـار علـي

ذوالفـقـار علـي

ذوالفقار علي

ذوالفـقـار علـي (راڳي): نامياري ڪلاسيڪـل راڳـيءَ ذوالفقار عليءَ، 5 مئي 1963ع ڌاري حيدرآباد ۾ استاد نياز حسين قريشيءَ جي گھر جنم ورتو. سندس خانداني تعلق گواليار جي گائڪ گھراڻي سان آهي. هن راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد استاد نياز حسين کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ مختلف وقتن تي استاد فدا حسين خان، استاد رشيد علي خان، استاد وزير علي خان، امير علي خان'>استاد امير علي خان ۽ استاد مجيد خان (ستار نواز) کان گائڪيءَ جي سکيا وٺڻ سان گڏ تعليم جاري رکندي 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (ماس ڪميونيڪيشن) جي ڊگري ٽين پوزيشن سان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ هن ميوزڪالاجيءَ ۾ ڊپلوما، سال 2006ع ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور مان ڪئي آهي ۽ ڪجهه وقت اتي ئي پڙهايو به اٿس. 2006ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. گائڪيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان 1975ع ڌاري ڪيائين. جڏهن ته 1978ع کان پي. ٽي. وي تي پنهنجي ڀاءُ مظهر حسين سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيائين. ان کانسواءِ سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان لاهور تان به نشر ٿيا آهن. ذوالفقار علي نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور، اوريئنٽل ڪاليج لاهور سان به لاڳاپيل رهيو. آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ڪراچي جي اهتمام ۾ به اڳڀرو رهيو. ذوالفقار علي پڙهيل لکيل ۽ سلجھيل گائڪ آهي. شاهه لطيف جي وائيءَ کي پنهنجي خاص انداز سان ڪمپوز ڪري ڳائڻ ۾ ٻنهي ڀائرن جي منفرد سڃاڻپ رهي آهي. ان کان سواءِ، هائيڪو، آزاد نظم، ڪافي، غزل، گيت ۽ وائيءَ کي نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائڻ ۾ مهارت رکن ٿا. ذوالفقار علي، هن وقت سنڌ يونيورسٽي شعبي ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، سنڌالاجيءَ ۾ قائم سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن جو انچارج آهي. ان کان اڳ ذوالفقار علي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پرائمري سيڪنڊري اسڪول ۾ 1989ع کان 1993ع تائين ميوزڪ ٽيچر پڻ رهيو.
ذوالفقار علي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ’ٻارن تي پي. ٽي. وي پروگرامن ۽ ڪمرشلز جا اثر‘ هيٺ هڪڙي پراجيڪٽ تي پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. گڏوگڏ 8-2007ع ۾ لوڪ ورثه، اسلام آباد جي هڪڙي پراجيڪٽ ’نڙ- ثقافتي موسيقي ڪا ساز‘ تي به ڪم ڪيائين. هن ’نئين زندگي‘ ۽ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ موسيقي ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيتن تي مضمون ۽ گائڪن جا سوانحي خاڪا ۽ تحقيقي مضمون به لکيا، جن ۾: موسيقي ۽ ان سان لاڳاپيل لکڻين جي ڏسڻي، استاد منظور علي خان، استاد بيبو خان، استاد نياز حسين، استاد فدا حسين، امير علي خان'>استاد امير علي خان، محمد يوسف، وحيد علي، محمد جمن، مائي ڀاڳي، محمد ابراهيم، استاد گلزار علي خان، استاد سينڌو خان، استاد ارباب خان کوسو ۽ بابو فقير جا خاڪا شامل آهن.
ذوالفقار عليءَ، نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور جي ڊپارٽمنيٽ آف ميوزڪلاجيءَ ۾ 2008ع ڌاري استاد امير علي ۽ استاد مجيد خان جي ڪٿا سان گڏ سارنگيءَ جي حوالي سان تحقيقي ۽ تجرباتي مقالو لکيو. 1995ع ۾ پي. ٽي. وي پروگرام ’سر جو سفر‘ جو اسڪرپٽ لکيائين. هن يونيسيف کان سواءِ ٻين ڪيترن ادارن جي سيمينارن ۽ ورڪ شاپن ۾ حصو ورتو. 2005ع ڌاري دهليءَ ۾ ٻالڪ ميلي جي هڪڙي موسيقيءَ ۽ ناچ واري مقابلي جو به جج رهيو.
ذوالفقار علي 2008ع ۾ ’خيال درپن‘ تي هڪڙي سي. ڊي رليز ڪرائي، جيڪا يڪتارا ايسوسيئيشن دهلي ۽ آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ڪراچيءَ جي تعاون سان رليز ٿي. ان کانسواءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري طرفان سندس شاهه لطيف جي سُر ڪلياڻ (2007ع) ۽ سُر يمن ڪلياڻ (2008ع) جون ٻه سي. ڊيون به رليز ٿيون آهن.
سندس ڳايل مشهور ڪلامن ۾: (1) ’يار سڄڻ جي فراق آءٌ ماري‘، (2) ’مـون کان ســنڌ نه وســري‘، (3) ’ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا‘، (4) ’يادون‘، (5) ’سڀڪا پريان ڪون پوڄي‘، (6) ’عيد جو چنڊ ته ناهيان‘ وغيره مشهور آهن.
ذوالفقار علي اڪثر پنهنجي ڀاءُ مظهر عليءَ سان جوڙيءَ ۾ ڳائيندو آهي.
هن مارچ 2007ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري ۾ ’وائيءَ جي اصليت ۽ ارتقا‘ تي تيار ڪيل تحقيقي مقالو (ايم. فِل لاءِ) پيش ڪيو ۽ ساڳئي عنوان تي سندس پي. ايڇ. ڊي مڪمل ٿيڻ واري آهي.
هن ڪيترا اوارڊ ۽ شيلڊون به حاصل ڪيون آهن، جن ۾: سنڌ يونيورسٽيءَ جي ميوزڪ مقابلي جو پهريون انعام (92-1990ع)، قلندر لعل شهباز اوارڊ (1992ع)، استاد منظور علي خان شيلڊ (1993ع)، پراڻ اوارڊ ٿرپارڪر (94-1993ع)، سرتال اوارڊ پريس ڪلب حيدرآباد (1996ع)، لاجواب جوڙي آف سنڌ اوارڊ، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج اوارڊ (1997ع)، استاد فيروز گل (موسيقار) اوارڊ (1997ع)، نٽ کٽ ٻاراڻي مئگزين جو اوارڊ (1998ع)، ريڊيو پاڪستان سلور جوبلي سيليبريشن اوارڊ (1999ع)، ماهوار نئين زندگي ’ٿيم سانگ اوارڊ‘، ريڊيو پاڪستان (1999ع)، قلندر لعل شهباز بيسٽ گائڪ اوارڊ (2002ع) ۽ ٻيهر قلندر لعل شهباز بيسٽ گائڪ اوارڊ (2008ع) وغيره شامل آهن.
هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ذوالفقار عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.05.05  عيسوي

نامياري ڪلاسيڪـل راڳـيءَ ذوالفقار عليءَ، 5 مئي 1963ع ڌاري حيدرآباد ۾ استاد نياز حسين قريشيءَ جي گھر جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي آزاد فقير
فقير عبدالغفور
رفيع
عالم ڪارو
استاد احمد علي ٻرڙو
ٻيجل سنڌي
بشير احمد سولنگي
پنڊت وشنو ڊگمبر پلسڪر
فوزيه سومرو
حديقه ڪياني
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون